اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغان عوا?? کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کان انساني مدد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي پرڏيهي آفيس پاران جاري پريس رليز موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آئرلينڊ جي پرڏيهي ۽ دفاع واري وزير سائمن ڪووني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزيرن افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغان عوا?? کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پاران انساني مدد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته آئرلينڊ يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، هن چيو ته پ??ڪس??ان آئرلينڊ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آئرلينڊ ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ پ??ڪس??اني ڪميونٽي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۾ هڪ پل جو ڪم ڪندي آهي، پرڏيهي وزير موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي تي آئرلينڊ حڪومت جي حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي ساراهيو ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن پ??ڪس??ان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورتي ميڪنز?? کي فعال بڻائڻ ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. ??خدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ و??پار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت تجديد جي قابل توانائي، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پ??ڪس??ان جي حمايت تي آئرلينڊ جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير پ??ڪس??ان ۾ و??ائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.