اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان جي هدايت تي پاڪ فضائيه جو سي – 130 جهاز افغانستان جي ??وا?? لا??ِ امدادي سامان جي پهرين کيپ کڻي ڪابل پهچي ويو. اهو جهاز حامد ڪرزئي عالمي هوائي اڏي تي لٿو. افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ پبلڪ هيلٿ جي سينيئر آفيشل حاجي عمر امدادي سامان لاڳاپيل افغان عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 10 ٽن اٽو، ڏيڍ ٽن گيهه ۽ وڏي مقدار ۾ دوائون شامل آهن. هتي ملندڙ تفصيل موجب ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان جي سفير منصور احمد خان چيو ته پاڪستان پاران افغانستان جي لا??ِ هنگامي امداد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هي پهرين اڏام آهي جڏهن ته بي اڏام اڄ جمعي ڏينهن قنڌار ايندي جڏهن ته امدادي سامان جو هڪ وڏو خوست موڪليو ويندو ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي شعبي سان گڏوگڏ خيراتي ادارن پاران خصوصي اڏامون ۽ طورخم چمن جي زميني رستن ذريعي پن امدادي سامان افغانستان آندو ويندو. هن چيو ته گذريل هڪومت جي وڃڻ کانپوءِ افغانستان ۾ يقيني طور تي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ هن وقت افغان ??وا?? جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ گهربل انتظامي ڍانچي جي حوالي سان عبوري سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو ويو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو عبوري ڍانچو افغان ??وا?? جي انساني، ترقياتي ۽ ٻين گورننس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ ڪم ڪندو. جيستائين مستقبل جي فريم ورڪ جو تعلق آهي طالبان چيو آهي ته اهي مستقل سيت اپ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهو بعد جو مرحلو آهي، هن وقت افغانستان ۾ انساني ۽ ترقياتي ضرورتون وڌيڪ اهم آهن. اسان عالمي برادري ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستان افغانستان جي حوالي سان تعميري پاليسي اختيار ڪئي آهي ?? ان جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لا??ِ ڪئي ويندڙ عالمي ڪوششن جو حصو رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان افغانستان سان معاشي ۽ علائقائي رابطن جي لا??ِ سرگرم آهي. هن چيو ته افغان ??وا?? پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي معاونت ۽ ترقياتي ڪم تي ان جي ڪردار کي ساراهي ٿي.