اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم، ادب، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت ٻين شعبن ۾ نمايان خدمتن تي پاڪستاني شهرين سان گڏوگڏ غير ملڪي شهرين کي به سول اعزازن سان ن??ازيو آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي ان حوالي س??ن خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي نشان امتياز، ستاره شجاعت، ستاره امتياز، صدارت اعزاز حسن ڪارڪردگي، تمغه پاڪست??ن، ستاره خدمت، ستاره قائداعظم ۽ تمغه شجاعت سان ن??ازيو ويو. نشان امتياز حاصل ڪندڙن ۾ صادقين ن??وي، پروفيسر شاڪر علي (مرحوم)، ظهور الاخلاق (مرحوم)، عابده پروين، ڊاڪٽر جميل جالبي (مرحوم)، احمد فراز (مرحوم) شامل آهن. هلال امتياز حاصل ڪندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر انوار الحسن گيلاني، ڊاڪٽر آصف محمود جاه ۽ سيد جاويد انور شامل آهن.
ستاره شجاعت حاصل ڪندڙن ۾ جواد قمر، صفيه (شهيد)، ملڪ حيات الله(شهيد)، ملڪ سردار خان (شهيد)، ممتاز خان (شهيد)، حيات الله خان (شهيد)، ملڪ محمد نياز خان (شهيد)، سپاهي اختر خان (شهيد)، محمد نويد صادق، مهر محمد ياسر منظور، شفقت الله ملڪ، پروفيسر ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال (شهيد)، پروفيسر ڊاڪٽر حافظ مقصود احمد (شهيد)، ڊاڪٽر بشير احمد (شهيد)، ڊاڪٽر خالد مسعود قيصراني (شهيد)، ڊاڪٽر محمد آصف (شهيد) ڊاڪٽر شفقت الله (شهيد)، ڊاڪٽر يونس چنه (شهيد)، ڊاڪٽر ولايت علي گوپانگ (شهيد) پروفيسر ڊاڪٽر محمد جاويد (شهيد) ڊاڪٽر منير خان (شهيد)، ڊاڪٽر اسامه رياض (شهيد)، ملڪ اشدر (شهيد) ۽ ڊڪٽر محمد اخلاق خان (شهيد) شامل آهن.
ستاره امتياز حاصل ڪندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فرحان سيف، بشريٰ انصاري، سلطانه صديقي، سيد فاروق قيصر، پير سيد لخت حسنين، محمد عمران قريشي، برگيڊيئر رانا عرفان شڪيل رامي ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل فاروق شهب??ز شامل آهن. صدارتي اعزاز براءِ حسن ڪارڪردگي حاصل ڪندڙن ۾ روٿ ويني ليڪرڊال، پروفيسر خالد مسعود گوندل، نعمت الله سرحدي، محمد علي شيخ، صائمه شاهه، همايون سيعد، علي ظفر، حنا نصر الله، سرمد صهبائي، اندو مريم مٺا، فرحان محبوب، مولانا طارق جميل، عبدالمالڪ قريشي ۽ محمد فهيم شامل آهن.
ڊاڪٽر طارق شفيع مرحوم کي س??اره قائداعظم سان ن??ازيو ويو. رچرڊ گيري هوورنڙ کي س??اره خدمت سان ن??ازيو ويو. جيني ٽيلر کي تمغ پاڪستان عطا ڪيو ويو. تمغه شجاعت حاصل ڪندڙن ۾ فدا حسين، علي آفتاب تارڙ، سيد شهزاد حسن، هارون رشيد خ??ن، فخر الدين، ميان خ??ن، ليفٽيننٽ ڪرنل محمد فهيم رضا خ??ن، ملڪ وسيد خ??ن، مولوي گلداد خ??ن، ملڪ اسلم نور خ??ن، محمد رفيع شه??د، دائود خان شه??د، عالم زيب شه??د، الله رکيو شه??د، شڪيله ن??ز شه??د، غنچه ن??ز شه??د، اعتزاز احمد گورائيه، ساجد خان مهمند شه??د، شاهد علي شه??د، افتخار وحيد شه??د، فدا يار شهيد ۽ حسن علي شهيد شامل آهن.
تمغه امتياز حاصل ڪندڙن ۾ زيبا شهباز، محمد طاهر جاو??د، حميد الله شاهه هاشمي، فيصل ايڌي، سيد عامر محمود، ڪيپٽن (ر) محمد الياس، عمر سعيد ۽ فريد احمد خان شامل آهن، تقريب ۾ بيگم ثمينه عارف علوي، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن سميت ملڪ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.