اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوجداري انصاف جو نظام بنيادي اهميت رکندڙ آهي ۽ گورننس لاءِ ر??ڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، گذريل حڪومتن نظا?? کي خراب ڪري لاقانونيت مان فائدو کنيو، موجوده حڪومت ان نظا?? کي ترجيحي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فوجداري انصاف جي نظام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعل??ٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، پنجاب جو قانون وارو وزير راجا بشارت، خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير سلطان محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته سڌارن واري عمل جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 13 شعبن جي نشاندهي ڪري ڌار ڌار ٽاسڪ فورسز ٺاهيون ويون هيون جنهن جون سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن 13 شعبن ۾ ڪيسن جي داخلا، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پوليس اسٽيشنز کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، فنڊن جي پوليس اسٽيشنز کي سڌو سنئون منتقلي ۽ اسٽيشن انچارج کي پر??سپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظا?? کي مضبوط ڪرڻ، چالان جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن کي ڪيسن جي نوعيت جي لحاظ کان ڪيسز جي جاچ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ٽرائل جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، پر??بيشن ۽ پيرول جي نظا?? کي مضبوط ڪرڻ شامل آهن.