اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اه?? محمود قريشي چيو آهي ??ه ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل ق??من جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائ??ن وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪشمير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏيل ق??من جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل ??هندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي ??اه?? محمود قريشي چيو ته اختلافن جي باوجود ڪشمير مسئلي تي اسان جي يڪسوئي آهي، اسان جو موقف هڪ آهي، اسان جي منزل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اسان جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.