اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ پارلياماني وزرات ۾ شڪايت سيل جو اجلاس ??يو جنهن ۾ ڪابينا سيڪريٽري، پارلياماني معاملن وارو سيڪريٽري ۽ وزارت جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. عوامي شڪايتن جي حل بابت ??زرات جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ مان مليل 53 هزار مان 41 هزار شڪايتون حل ڪيون ويون آهن، 11 هزار شڪايتن جي ??اچ پڙتال جو ڪم جاري آهي، جلد حل ڪيو ويندو.