اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت کي رياست جو مفاد سياست سان ڪيترائي ??يرا وڌيڪ عزيز آهي، قومي بياني جون ڪوڙيون خبرون رياست جي مفاد کي نقصان پهچائينديون آهن ۽ معاشري جي تباهي جو سبب بڻجنديون آهن، موجوده ??ور ميڊيا جو آهي، جنگيون ميڊيا جي مح??ذ تي وڙهيون پيون وڃن، سچ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هو معاشرتي سڌارن ۾ عالمن جي ڪردار بابت تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.