ملتان – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملتان صوفين جي ڌرتي آهي، سرائيڪي فنڪارن ۽ گلوڪارن سرائيڪي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي ملتان سينٽر گذريل 16 سا??ن کان هن خطي جي خدمت ۾ جي عمل ۾ مصروف آهي، پي ٽي وي نيشنل ملتان جي نشريات سيٽلائيٽ تي منتقل ٿيڻ سا?? هتان جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو آهي. نشريات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان ٽيليويزن ملتان سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات جي افتتاحي تقريب کي سرائيڪي زبان ۾ خطاب ۽ ريڊيو ??اڪ??تان ملتان سينٽر ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ۽ اديبن ۽ شاعرن سا?? غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ننڍي کنڊ ۾ سلسله سهرورديه حضرت بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي ڪري شروع ٿيو، اهڙي طرح ننڍي کنڊ ۾ سلسله قادريه اُچ شريف کان حضرت غوث بندگي شروع ڪيو. هن چيو ته ملتان خطي سدائين کان ادب ۽ فن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، هن خطي ۾ پوري ننڍي کنڊ مان فنڪار ۽ گلوڪار آيا، عظيم گلوڪار پٺاڻو خان، ثريا ملتانيڪر، استاد حسين بخش ڍاڍي، بدرو ملتاني، نصير مستانه، جميل پروانه، عاشق حسين، رمضان حسين، پروين نظر، زاهده پروين، منصور ملنگي، غلام عباس ۽ ٻين گلوڪارن موسي??ي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ سرائيڪي خطي جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان سينٽر گذريل 16 سا??ن کان هن خطي جي خدمت ڪري رهيو آهي، هتان جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو هو ته پي ٽي وي ملتان جي نشريات سيٽلائيٽ تي منتقل ڪئي وڃي جيڪو اڄ پورو ٿي ويو آهي، پي ٽي وي نيشنل ملتان جي نالي سا?? نشريات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته منهنجو هن خطي جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن سا?? گهرو تعلق رهيو آهي، آئون جڏهن ڊي جي ريڊيو ??اڪ??تان هئس ته قومي نشرياتي رابطي تي سرائيڪي خبرن جو بليٽن شروع ڪرايو، ان وقت يوسف رضا گيلاني پهريون بليٽن پڙهيو. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان تان سيٽلائيٽ نشريات جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هتان جا فنڪار، اديب ۽ شاعر هاڻي آساني سا?? پوري دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهندا. هن چيو ته پي ٽي وي ملتان گذريل 16 سا??ن دوران خبر ۽ ڪرنٽ افيئرز جي شعبي جي پروگرامن کي بهترين طريقي سا?? ڪور ڪيو، اميد آهي ته اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته موجوده دور جي شاعرن احمد خان طارق، عاشق بزدار، اقبال سوڪڙي، شاڪر شجاع آبادي، رفعت عباس ۽ اشو لال کانسواءِ ڪيترن ئي شاعرن شهرت حاصل ڪئي. پي ٽي وي نيشنل ملتان جي سيٽلائيٽ تي اچڻ کانپوءِ شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي وڌيڪ موقعا مليندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو ??اڪ??تان ملتان سينٽر ۾ جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. نگران وفاقي وزير جڏهن ريڊيو ??اڪ??تان ملتان سينٽر پهتو ته ڊي جي ريڊيو سعيد احمد شيخ ۽ ريڊيو ??اڪ??تان جي ٽيم ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سا?? ريڊيو سينٽر ملتان ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. ريديو ??اڪ??تان ملتان ۾ خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ ۾ جديد ترين ڊيجيٽل اسٽوڊيو ??اهيا ويا آهن. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ڏکڻ پنجاب سا?? تعلق رکندڙ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ لوڪ فنڪارن سا?? غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. هن چيو ته نگران حڪومت وٽ محدود وقت ۽ محدود اختيار آهن، اسان وٽ وڏا فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه آهي، محدود وقت ۾ بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قانون موجب ريڊيو ??اڪ??تان سميت سمورين ڪارپوريشنز کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز موجب هلائڻو هوندو آهي، ڪارپوريٽ گورننس جي حوالي سا?? قانونسازي ڪئي وئي آهي، قانونسازي ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. ڪارپوريٽ گورننس سا?? ادارن جي آزادي تي ڪو اثر نه پوندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ريڊيو ??اڪ??تان ملتان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.