اسلام آباد – پهرين اپريل (??ي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان خميس ڏينهن سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قائدايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ پارلياماني معاملن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ??خا??ف ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايوان ۾ خوشگوار ماحول ۾ بحث ۽ قانونسازي پارليامينٽ جي عزت ۾ اضافو ڪندي، موجوده چونڊ عمل ۾ شفافيت وقت جي اهم ضرورت آهي، ??خا??ف ڌر کي پارلياماني ڪميٽي جي قيام جي لاءِ خط لکيا ويا آهن جواب جو انتظار آهي، مستقبل جي لاءِ چونڊ عمل تي اعتماد کي بحال ڪرڻ ??خا??ف ڌر ۽ حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي، اسد قيصر چيو ته ??ونڊ سڌاران جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي قيا?? جو ??خا??ف ڌر پاران نالا وصول ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.