اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جا??يد باجوه ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به موجود هو، ملاقات ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي معاملن ۽ ٻاهرين ۽ اندرين سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين تي ڳڻت?? جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ ڪنٽرول لائين سان ڀارت فوج طرفان جنگ بندي جي خلاف ورزين ۽ مسلسل اشتعال انگيز قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.