اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن تي ٿيل خرچن ۽ م??اع??تن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته لاڳاپيل ??انونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ صدر ۽ وزيراعظم کي رڳو هڪ ڪئمپ آفيس رکڻ جي اجازت هوندي، وفاقي ڪابينا نوان گيس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي پهچ جي لاءِ نئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪابينا اين آءِ ٽي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل ??فاقي ڪابينا جي اج??اس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.