اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سند?? چين جي دوري جو مقصد ڪرونا وائرس جي حوالي ??ان پاڪستان طرفان چيني حڪومت عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. چين جي دوري تي روانگي کان اڳ صدر چيو ته کيس ان دوري جي دعوت سند?? چيني هم منصب شي جن پنگ ڏني آهي، چين ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان طرفان تعاون ۽ ان تي ڪيل ڀروسي تي ٿورو ادا ڪرڻ چاهي ٿو.