اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جنگ پنگ کي ٽيليفون ڪيو ۽ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ چين جي قيادت ۽ عوام سان پا??ستان جي طرفان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ڪرونا وائرس سبب ٿيندڙ قيمتي جاني نقصان تي چين جي ص??ر سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڪرونا وائرس ج?? روڪٿام ۽ ضابطو آڻڻ لاءِ چين طرفان ڪيل اڻٿڪ ڪوششن کي سا??اهيو.