اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا عام ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري، تيز رفتار انصاف جي فر??همي لاءِ 8 آرڊيننس، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ 5 ارب جي بنا وياج جي قرضن جي اسڪيم، ڪرتارپور لنگهه جي حوالي سان ڀارت سان معاهدي، قومي احتساب بيورو کي رڪارڊ فر??همي، ٽرسٽ فار وول??نٽ??ي آرگنائيزيشن جي ميمبرن جي مقرري، ڪنٽونم??نٽ?? ۾ بي او ٽي بنيادن تي سولر جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي حوالي سان ملندڙ ت??وي??ن کي ڪابينا آڏو رکيو.