اسلام آباد -07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آه??، ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر آه?? جڏهن ته مسئلن جي حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آه??. شفافيت بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشي ترقي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊجيٽل سمٽ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر، مسئلن جو حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آه??، احسن اقبال چيو ته جديد بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊجيٽل خواندگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي اپنائڻي پوندي. تعليمي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آه??، حڪومت نوجوانن ۾ پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل مهارتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آه??. هن چيو ته شهرين، ڪاروباري ۽ سرڪاري ادارن جي تحفظ لاءِ حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي شعبي کي مضبوط ڪري رهي آه??، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ ۽ سستي انٽرنيٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي سيڙپڪاري، اسٽارٽ اپس ۽ ايس ايم ايز جي همت افزائي ۽ نوجوانن جي 65 سيڪڙو آبادي ??ي جديد هنر سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن ماهرن کي دعوت ڏني ته هو جدت تي ٻڌل آئيڊياز پيش ڪن.