اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ناڻي مان ڏني وي??دڙ سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جو فروغ آهي، غيرمستحق ماڻهن جو سبسڊيز جي نظ??م مان فائدو کڻڻ نه رڳو سرڪاري وسيلن جو زيان آهي پر حقدارن جي حق تلفي جو سبب بڻجي ٿو تنهن ڪري اننظام ۾ سڌارا حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي. هو حڪومت پاران مختلف شعبن ۾ ڏني وي??دڙ سبسڊي جي نظ??م کي شفاف ۽ منظم بڻائڻ ۽ ان مدد کي حقدار تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.