لاهور – 15 سيپٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻارن ۽ عورتن س??ن زيادتين جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي واضح ڪيو آهي ته ??ورت زيادتي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزيراعظم نشي آور مصنوعات وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ??رورت جي شين خاص طور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هو لاهور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.