اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ حڪومت لائحه عمل طئي ڪري ورتو آ??ي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي وڌندو، ذاتي مفادن بدران ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ان بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل س??ورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ايندڙ هفتي منعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ايف اي ٽي ايف بل پاڪستان جي لاءِ ۽ پاڪستان ج?? عوام جي لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿو.