اسلا?? آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو ڪشمير مان ن??ري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس?? اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻوله?? نه ٿيندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ڀارت ڪشمير مان ن??ري وڃي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخري منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي، ان ڏس ۾ اسلا?? آباد جي ڪشمي?? هاءِ وي جو نالو تبديل ڪري سري نگ?? هاءِ وي رکيو ويو آهي.