اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موسلاٹ_گیمز/105612.html">جب ??نهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي وزيراعظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي قدمن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهي لا??اپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وزيراعظم عمران خان سارڪ سان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.