اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سمورن طبق?? جي فعال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي وچ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جانور?? جي خريداري جي حوالي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اهي انهن تجويز?? جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جانور?? جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.