اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4646 نوان ڪيسز، 105 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 1،08،317، ۽ فوتگيون 2172 ٿي ويون آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي تازي اپ ڊيٽ موجب ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 71 هزار 127 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 40 هزار 819 تائين پهچي ويو آهي، سنڌ 39 هزار 555 ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيا، خيبرپختون??وا??ه ۾ ڪيسن جو انگ 14 هزار 06 ۽ اسلام آباد ۾ 5785 ٿي و??و، بلوچستان ۾ 6788، گلگت بلتستان ۾ 952 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 412 ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ هيستائين 35 هزار 18 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا. اين سي او سي موجب گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران 105 فوتگيون ٿيون آهن.