ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن بلوچستان صوبي ۾ کاڌي پيتي جي ض??وري شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ معاشي سرگرمين جي رواني، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي حوالي سان هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ض??ورت تي ز??ر ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان ڏس ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماهرن تي ٻڌل هڪ ٿنڪ ٽينڪ جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي س??ن بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.