اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار م??ڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊس??ري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن اطلاعات واري وفاقي سيڪري??ري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻي سيڪري??ري ظهور احمد سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي شاهيره شاهد کي اطلاعات جي سيڪري??ري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سيڪريٽريٽ گروپ جي سينيئر آفيسر ??ڳوڻي سيڪري??ري ظهور احمد جي اطلاعات واري وزارت جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات واري وزارت جي ڪارڪردگي، ميڊيا انڊس??ري کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي مثبت اميج کي فروغ ڏيڻ ۾ وزارت جي ڪردار سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ميڊيا انڊس??ري کي درپيش چئلينجن ۽ موقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا انڊس??ري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته وفاقي اطلاعات واري سيڪري??ري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻو سيڪري??ري ظهور احمد قابل آفيسر ??هن، انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته حڪومت متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار م??ڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. ٽيڪنالاجي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊس??ري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص، پنهنجي ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڪاميابين کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جو تحفظ اسان جو پختو عزم آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات جو شعب?? پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.