اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ٽيڪنالاجي جو استعمال مستقل حل آهي ۽ ان سان چونڊن جي وڃايل ساک ٻيهر بحال ٿيندي، اسان جي م??ڪ ۾ چونڊن جي ضرورتن موجب روزاني جي بيناد تي 2 هزار کان وڌيڪ اي وي ايم مشينون تيار ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، جيڪي م??ڻهو اي وي ايم جي م??الفت ڪري رهيا آهن انهن کي گهرجي ته چونڊن ۾ فراڊ کي روڪڻ لاءِ ڪا نئين تجويز ڏين. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن ??يو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت ۾ حڪومت اي وي ايم جي م??املن تي هر ڀيري م??الف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون پر هنن ڪڏهن به ان معاملي کي سنجيده ناهي ورتو ۽ ناجائز ا??تر??ض اٿاريا. فرخ حبيب ??يو ته پي ٽي آءِ جي سياست جو بيناد صرف احتساب ۽ شفافيت آهي، انهي سلسلي ۾ موجوده حڪومت مستقبل ۾ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، اي وي ايم جي م??الفت ڪندڙ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خلاف آهن. هن ??يو ته مخالف ڌر قومي يا عالمي م??هرن کي گهرائي اي وي ايم بابت پنهنجا خدشا ختم ڪري اسان کي ڪو به ا??تر??ض نه آهي، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي خلاف مزاحمت ڪرڻ بدران چونڊ پولنگ جي حق ۾ ڪم ڪري.