اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ سان سرڪاري زمين ۽ ٻيلن تي قبضي جي روڪٿام ٿيندي، قبضا گروپن کي اها ئي ٽيڪنالاجي شڪست ڏئي ??گه?? ٿي، ڊيجيٽلائيزيشن سان ماڻهن کي تحفظ ملندو، شفافيت سان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون، جائيدادن تي ناجائز قبضي سان سڀ کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني متاثر ٿين ٿا، لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان هر ڪو پنهنجي ملڪيت جو رڪارڊ ڏسي ??گه??دو ۽ آن لائين ٽرانسفر ممڪن ٿي ??گه??دي. و??ير??عظم عمران خان اسلام آباد لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪيڊسٽريل ميپنگ جو افتتاح ڪيو. و??ير??عظم جي ويزن موجب زميني نظام کي جديد ڊيجيٽل آن لائين نظام ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيڊسٽريل ميپنگ جي منصوبي تحت سروي آف پاڪستان جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) جو استعمال ڪندي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي جديد ترين ڊيجيٽل نقشه سازي جو عمل مڪمل ڪيو آهي. سروي آف پاڪستان کي ڪيڊسٽريل ميپنگ جو ڪم ڏنو ويو جنهن جو بنيادي مقصد نقشه سازي ۽ مساحت جي موجوده نظام کي جديد ۽ ڊيجيٽل فارميٽ ۾ تبديل ڪر?? آهي. ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي روينيو رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ملڪ جي سرڪاري زمين جي ڊيجيٽل ڊيٽا تيار ڪرڻ شامل آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل جو مقصد پٽوار جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ، انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ زمين رڪارڊ جي پوري نظام کي شفاف بڻائ?? آهي. پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين جنرل رٽائرڊ انور علي حيدر ان قدم جي تفصيل بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان قدم سان منصوبابندي بهتر انداز ۾ ٿي ??گه??دي ۽ سرڪاري زمين تي قبضو نه ڪري سگهبو، هر شهري جي پنهنجي جائيداد تائين پهچ هوندي، پهريون ڀيرو لينڊ رڪارد کي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو پيو وڃي، ان قدم سان رڪارڊ جي تبديلي ناممڪن ٿيندي. و??ير??عظم خطاب ڪندي چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ سروي آف پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن ان منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪيو، ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان خوف هو ته اهو مڪمل نه ٿيندو ڇو ته جن ماڻهن جا مفاد پراڻي سسٽم سان ڳنڍيل هئا اهي ان مان سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندا هئا جڏهن ته قبضا گروپ پڻ نه چاهيندا هئا ته اهڙي قسم جو قدم حڪومت کڻي، اسان ان قدم جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کان چڱي ريت آگاهه آهيون. و??ير??عظم چيو ته رڳو اسلام آباد ۾ 300 ارب رپيا ماليت جي زمين تي يا ته قبضو هو يا اها استعمال ۾ نه آندي وئي، ٻيلي کاتي جي هڪ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو هو. هن چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان شفافيت ايندي، شفافيت نه هجڻ جي ڪر?? ماڻهن پئسو ٺاهيو ۽ اهي طاقتور ٿي ويا جڏهن ته ڪمزور ماڻهن تي ظلم ٿئي ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، اهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي ??گه?? ٿا پر ان جي لاءِ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول بڻائڻ ضروري آهي، ان جو هڪ وڏو سبب قانون جي حڪمراني نه هج?? آهي جتي قانون جي بالادستي هوندي آهي اتي سيڙپڪاري به ٿيندي آهي ۽ جتي انصاف هوندو آهي اتي خوشحالي ايندي آهي. هن چيو ته هي منصوبو هڪ وڏو قدم آهي ان سان اوورسيز پاڪستانين جو اعتماد به وڌندو، انهن جو وڏو مسئلو جائيدادن تي ناجائز قبضو آهي. و??ير??عظم چيو ته ملڪ م عدالتن ۾ 50 سيڪڙو ڪيس ملڪيتن تي قبضن جا آهن، پراڻي لٺا سسٽم ۾ تبديلي آسان آهي. و??ير??عظم چيو ته آن لائين سسٽم سان هاڻي پلاٽ جي ملڪيت ڏسڻ آسان هوندي، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ اهو منصوبو نومبر تائين مڪمل ٿيندو جڏهن ته ان جي 6 مهينن کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهو سسٽم لاڳو هوندو، ان سان عام ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. و??ير??عظم چيو ته شهرن ۾ زمين جون قيمتون تيزي سان وڌيون آهن، قبضا گروپ کي جيڪڏهن ڪا شيءَ شڪست ڏئي ??گه?? ٿي ته اها هي ٽيڪنالاجي آهي. و??ير??عظم چيو ته عالمي حدت سان پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جو سخت خطرو آهي جڏهن ته آلودگي سان دريائي پاڻي به آلوده ٿي رهيو آهي، اسان وڻ وڍي تباهي ڪئي، گذريل ٽن سالن کان حڪومت ٻيلا هڻي رهي آهي، ان منصوبي سان ان ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته سرينگر هاءِ وي تي ٻيلا 45 ايڪڙ مان 113 ايڪڙ تائين وڌي ويا آهن. و??ير??عظم چيو ته موجوده حڪومت اربين رپين جي سرڪاري زمين ۽ ٻيلا قبضو ڪندڙن کان ڇڏرايا آهن، ڪيڊسٽريل ميپنگ سان ان جي نگراني ٿي ??گه??دي. هن چيو ته ان منصوبي سان وڌيڪ خوشي ان لاءِ آهي ته اهو عام پاڪستانين جي لاءِ آهي، ان سان ماڻهن کي تحفظ ملندو، ان جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ ان سان شفافيت ايندي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪرن سان طاقتور ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو، منصوبي سان ملڪيتن تي ناجائز قبضن جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ وڻڪاري مهم ۽ ٻيلن جي واڍي جي روڪٿام ۾ ڪيڊسٽريل ميپنگ سان مدد ملندي.