اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل سان جرمن سفير برن هارڊ شليگ هيڪ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افعانستان سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شهباز گل جرمن سفير کي وزيراعظم عمران خان جي ويزن بابت آگا??ه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ سمنڊ پ??ر پاڪستانين جي ووٽ جي ط??يق??ڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪٽر شهباز گل جرمن سفير کي احتساب جي عمل ۽ گڊ گورننس بابت پڻ آگا??ه ڪيو. جرمن سفير وزيراعظم جي ويزن ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو. جرمن سفير برن هارڊ شليگ هيڪ ملاقات لاءِ آيو. افغانستان جي صورتحال، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تي جاري ڊيولپمينٽ پراجيڪٽس، ووٽنگ مشين، سمنڊ پ??ر پاڪستانين جي ووٽ جي ط??يق??ڪار ۽ ٻين اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. احتساب ۽ گڊ گورننس جا موضوع پڻ بحث هيٺ رهيا.