اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آهن، حڪومت ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کان تجويزون گهريون پر انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ??يگ (ن) جي حڪومت تحت عام چونڊون ٿيون، اتي اليڪشن ڪميشن جو هڪ ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا ا??زام سمجهه کان مٿي آهن. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غيرج??نب??ار امپائر نه هجڻ جي ڪري شڪست تسليم نه ڪئي ويندي هئي، اسان غيرج??نب??ار امپائر جي لاءِ مهم هلائي، 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اسان غيرج??نب??ار امپائر آندا، هاڻي ڪير هارائڻ تي الزام نه ٿو هڻي، اسان جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چونڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن چونڊ عمل ٺيڪ ٿئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو نظام آڻيون، اهو سمورن مسئلن جو حل آهي، ان تي اسان وڏي محنت ڪئي آهي، مخالف ڌر کان ان تي تجويزون گهريون آهن جيڪي انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون مسلم ??يگ (ن) جي حڪومت ڪرايون، پوليس انهن جي هئي، اليڪشن ڪميشن جو ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا ا??زام وزيراعظم هائوس ۾ ويهي وزيراعظم پاران هنيا ويا آهن، انهن سڀني جو حل اي وي ايم آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اهي مشينون تيار به ڪيون آهن، اسان چاهيون ??ا ته ميڊيا ۽ بار ڪائونسل جون سموريون چونڊون ان تحت ٿين، وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ سسٽم جي ڪري ٽرمپ جا ڌانڌلي جا ا??زام ثابت نه ٿي سگهيا.