اسلام آباد – 08 – جن??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ريڊيو پاڪستان پاران پشتو نغمن جي اي لائبريري جاري ڪرڻ کي ساراهيندي هدايت ڏني آهي ته سنڌي، پنجابي، بلوچي سميت ٻي ڪلچر جي ٻول??ن جي موسيقي کي ڊجيٽلائيزڊ ڪري ??ئين نسل جي لاءِ محفوظ بڻايو، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ان جي ورثي جي قدر ۾ لڪل آهي، پنهنجي وقت جي شا??ري ان وقت جي بهترين عڪاس هوندي آهي. هو ريڊيو پاڪستان ۾ پشتو گانن جي لاءِ اي لائبريري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهد پروين، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ عبر??ن جان ۽ ريڊيو پاڪستان جا ٻيا عملدار به تقريب ۾ شريڪ هئا.