اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي ج?? شين ۾ ملاوٽ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ملاوٽ جي خلاف ايمرجنسي لاڳو ڪري نيشنل ايڪشن پلان هڪ هفتي ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته کاڌي پيتي ج?? شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ اسان جي عوام ۽ خاص طور تي اسان جي ٻارن جي صحت ۽ زندگين سان کيڏي رهيا آ??ن جن??ن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ضرورت ج?? شين مثال طور ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين فصلن جي طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن ۽ طلب ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي سيل قائم ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي ج?? شين جي قيمتن جي جائزي، پرائس ڪنٽرول، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعل??ٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو.