اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪنهن به ص??رت ۾ قابل قبول نه آهي، سمورا اسلامي ملڪ هڪ گڏيل لائحه عمل تحت گڏيل مطالبا عالمي فورمز تي رکن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعن جو تدارڪ ڪري سگهجي، اسان کي قو??ي جي حيثيت ۾ پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي وراثتي حقن جي تحفظ ۽ جائيداد ۾ کين حصو ڏيڻ ??ي ضر??رت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عشق رسول ﷺ جي مناسبت سان عظمت مصطفيٰ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.