ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي، جتي ان ڊيم سان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ان جي ڪري تربيلا ڊيم جي ڪارآمد مدي ۾ اضافو ٿيندو، روزگار جا موقعا ملندا ?? معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ديامير ڀاشا ڊيم سائيٽ جي دوري ۽ ڪارڪنن س??ن ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني.