اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت س??امتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين امن مشنز ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئ??. هن چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، 75 سال اڳ باني ??يم??ر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جوڙيو.