ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي ??رڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمورن صوبن جي مشاورت سان انهن بي ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن س??ن واڳيل سينيئر صحافين س??ن ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي ??ڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته شروع ۾ ئي اين سي او سي جا اج??اس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته شروع کان ئي آئون س??ت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي ??اص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو فڪر هو.