اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ??ور??نا وائرس جا 4728 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ??ور??نا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 1،03،671، ايڪٽو ڪيسن جو انگ 67249 ۽ فوتگيون 2067 ٿي ويون آهن، هڪ ڏينهن ۾ 22650 ماڻهن جا ??ور??نا وائرس ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، 2553 متاثر ماڻهو اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 1382 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اين سي او سي جي تازي اپ ڊيٽ موجب پنجاب ۾ ??ور??نا وائرس ڪيسن جو انگ 38 هزار 903 تائين پهچي ويو آهي، سنڌ ۾ 38 هزار 108 ??ور??نا ڪيسز رپورٽ ٿيا، خي??رپختونخواهه ۾ ڪيسن جو انگ 13 هزار 487 ۽ اسلام آباد ۾ 5329 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 6516، گلگت بلتستان ۾ 932 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ??ور??نا وائرس ڪيسن جو انگ 396 ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ هيستائين 34 هزار 355 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا.