اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ار?? رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ار?? رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگ??ول??ٽر کي قرار ڏنو آهي، ريگ??ول??ٽر جي غفلت جي ڪري کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪاب??نا ريڪوري ڪري پئسا عوام کي واپس ڪرڻ ۽ نظام کي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪاب??نا ??ي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم ??ي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ار?? رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ار?? رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ار?? رپيا ڏنو ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ ??ي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ار?? رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.