اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ ٻن هفتن جي واڌ، اڏاوتي صنعت سميت مختلف ڪاروبار کولڻ، ذخيره اندزوي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سخت سزائن تي ٻڌل آرڊيننس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگيون اندازي ??ان گهٽ آهن، تعميرات جي شعبي جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن هڪ تمام وڏو پئڪيج ڏينداسين، احتياطي تدبيرون ا??تي??ر ڪندي ٻيون ص??عتون به ضرورت موجد کوليون وينديون، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي اهو ا??تي??ر حاصل آهي ته ڪنهن ص??عت کي کولڻ جي حوالي سان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.