اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي خط??ب ۾ لاڪ ڊائون سان واڳيل حقيقتن طرف نشاندهي ڪئي آهي ۽ هو عوام کي ذميواري جو احساس ڏياري رهيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي آهي، نه ٿا چاهيو?? ته اهڙا قدم کڻون جنهن سان معاشي زندگي رڪجي و??ي ڇو ته ان سان ٻيا بحران پيدا ٿيندا، وزيراعظم عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي، عوام به ذميواري جو مظاهرو ڪري، موجوده صورتحال ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهميت رکن??ڙ آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح پيغام آهي ته روزاني جا معاملا هلڻ گهرج?? ته جيئن ماڻهن جا معمول جا ڪم متاثر نه ٿين.