اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي ان حوالي ??ان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ??ان آذربائيجان جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار بابائيف وزيراعظم کي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاران نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلاس ۾ شرڪت جو دعوتنامو پيش ڪيو. وزيراعظم 29 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي دعوتنامي تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ??يس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي ??ڳو??ڻن جو سڀ کان اهم اجتماع آهي. آذري وزير ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پاڪستان هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. وزيراعظم ڪوپ – 29 جي حوالي ??ان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جو منتظر ??هندو جتي ??يس صدر الهام عليوف ??ان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. آذري وزير پاڪستان ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي آڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا طئي ڪري سگهجي جيڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ضرورتن جي مناسب عڪاسي ڪري.