اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پرامن پاڙيسريت ۽ ڳالهين ذريعي تڪرارن جي حل جي حوالي سان پنهنجون ترجيحون جوڙيند?? پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار کي سرگرم انداز ۾ اجاگر ڪ??و وڃي، واپار، سيڙپڪاري ۽ سائنسي حصيدار پاڪستان ج?? پرڏيهي پاليسي جا بنيادي ٿنڀ هجڻ گهرجن. هن ان ڳالهه جو اظهار پرڏيهي وزارت جي دوري دوران ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي آسپاس تازين تبديلين ۽ اڀرندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪ ج?? پرڏيهي پاليسي ترجيحن ??و ٺوس جائزو وٺڻ هو.