GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان- چائينا انسٽيٽيوٽ جو عوامي جمهوريه چين جي قيام جي 75 سالن جي مناسبت سان عالمي ڪانفرنس جو بندوبست

image

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽر مشاهد حسين سيد جي صدارت هيٺ پاڪستان- چائينا انسٽيٽيوٽ جو عوامي جمهوريه چين جي قيام جي 75 سالن جي مناسبت ”چائينا ايٽ: 75 ترقي، تبديلي ۽ عالمي قيادت جو سفر“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس جي ٻين مقررن ۾ پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زي ڊونگ، ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ اڳوڻو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ شامل هو. ڪانفرنس ۾ ڏکڻ ايشيا جي عالمي نمائندگي پڻ شامل هئي، جنهن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي اڳواڻ محبوب عالم، مالديپ جي پارليامينٽ جي ميمبر احمد طارق ۽ نيپال جي وفاقي پارليامينٽ جي ميمبر اچيوٽ پرساد مينالي شامل هئا. سينيٽر مشاهد حسين سيد چين جي ڪجهه منفرد رُخن کي اجاگر ڪندي چيني قوم جي پرامن بلندين تي روشني وڌي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي جارحيت، قبضو يا ڪالونين کانسواءِ اهو ممڪن بڻايو ويو آهي ۽ ان سان چين جي 5 هزار سال پُراڻي تهذيب جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن پاڪ- چين لاڳاپن کي بيمثال قرار ڏيندي چيو ته اهي لاڳاپا گهرن اسٽريٽجڪ رابطن تي ٻَڌل آهن. چين جي تازي تاريخ تي تبصرو ڪندي سينيٽر مشاهد حسين چين جي 75 سالن جو خلاصو 3 آر ايس طور تي ڪيو، پهريون انقلاب چيئرمين ماتحت، ٻيو ٻه سڌارا ڊينگ زاپنگ تحت ۽ ٽيون هاڻ پُرامن بلندي صدر شي جن پنگ تحت. چين جي بلندين جي سببن جو تجزيو ڪندي هن قيادت جي اعليٰ معيار، پاليسي ۾ تسلسل، ڪورس ۾ تبديلي جي منفرد صلاحيت، ٻين کان سِکڻ جي صلاحيت ۽ پُرامن پرڏيهي پاليسي کي اهم سبب قرار ڏنو. اقتصاديات جي ماهر ۽ اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين چين جي غير معمولي ترقيءَ تي روشني وڌي ۽ چيو ته چين ٻهراڙي معيشت کان شهري معيشت ۾ ۽ ڪمانڊ کان مارڪيٽ طرف منتقل ٿي ڪري بي مثال ترقي حاصل ڪئي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين جي ڪاميابي اولهه جمهوري ماڊل کي چئلينج ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته ڪميونسٽ پارٽي اندر سياسي مرڪزيت اقتصادي غير مرڪزيت سان گڏيل بقا ڪري سگهي ٿي جتي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ عوامي خرچ صوبائي حڪومتن ذريعي انجام ڏنا وڃن ٿا. 1.4 ارب جي آباديءَ باوجود چين پاڻ کي عالمي معيشت ۾ ضم ڪري ورتو ۽ سڀ کان وڏي روانگي واپار جي منزل ۽ 120 کان وڌيڪ ملڪن لاءِ هڪ مُک واپاري ڀائيوار بڻجي ويو. ڊاڪٽر عشرت حسين چين جي بنيادي ڍانچي جي سيڙپڪاريءَ جي تعريف ڪئي جنهن ملڪ کي ريلوي ۽ بندرگاهن ذريعي عالمي مارڪيٽن سان جوڙيو ۽ اقتصادي ترقيءَ کي وڌيڪ هٿي ڏني. هن ميرٽ تي ٻَڌل مقرريون، انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائيءَ کي چين جي ڪاميابي جا سبب قرار ڏنو جنهن ۾ چيني شاگرد جديد ٽيڪنالاجي ۾ پرڏيهي ملڪ پيش قدمي حاصل ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪا ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي شاگرد چيني آهن. پاڪستان تي ان جي هاڪاري اثرن کي تسليم ڪندي اڳوڻي گورنر سي پيڪ کي قرضن جو ڄار قرار ڏيڻ جون ڪوڙين خبرن کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان چين جي سيڙپڪاريءَ سان ظاهري فائدو کڻي رهيو آهي. ان تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن کي ”آئرن برادرز“ قرار ڏنو جيڪي سدا بهار دوستيءَ جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. ان کان علاوه هن سي پيڪ ۾ گوادر بندرگاهه جي اهميت تي روشني وڌي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ گڏوگڏ سهڪار لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جو اظهار ڪندي اُسرندڙ ملڪن وچ ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي ترقياتي سفر مان سبق حاصل ڪندي سگهه ۾ واڌ نهايت ضروري آهي. هن گڏ-گڏ سهڪار جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ هڪ گلوبل جي اڳواڻيءَ ۾ ايجنڊا جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو هاڻ تائين پرڏيهي مدد تي ڀاڙڻ سبب پوري طرح سان حاصل ناٿي سگهيو. هن چيو ته اقتصادي ڏي وٺ، موسمياتي تبديلي ۽ سفارتڪاري جهڙن شعبن ۾ چين جي فعال شرڪت گڏ- گڏ تعاون کي مضبوط ڪيو ۽ چين گلوبل سان ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ هڪ قائد طور اُڀريو آهي. بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي اڳواڻ محبوب عالم 2013ع کان چين جي عالمي طاقت بڻجڻ جي ظاهري بلندي تي روشني وڌي ۽ ان ترقيءَ کي قومي تجديد جي مرڪز ويزن سان ڳنڍيل قرار ڏنو. هن چيو ته چين 21هين صدي جي قيادت لاءِ سٺي پوزيشن ۾ آهي، جنهن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو عالمي ترقي جي جوڙجڪ ۾ مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسڪالرن سڄي ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيوارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ چين جي عزم تي روشني وڌي جنهن جو مثال بنگلاديش سان بي آر آءِ جي فريم ورڪ تحت سهڪار شامل آهي. هن وضاحت ڪئي ته بنگلاديش جي اسٽريٽجڪ مقام بي آر آءِ تحت وڌندڙ ڪنيڪٽوٽي جي چيني ويزن لاءِ تمام اهم آهي، اهو گڏيل ترقي ۽ علائقائي انضمام لاءِ چين جي عزم کي ورجائي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايشين انسٽيٽيوٽ آف ايڪو سولائزيشن ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ شڪيل احمد غربت جي خاتمي جي حوالي سان چين جي تبديلي آڻڻ وارن طريقن کي اجاگر ڪيو ۽ ان جي ڪاميابيءَ جو عمل ۽ عام فهم تي ٻَڌل حل قرار ڏنو. هن وضاحت ڪئي ته چين شروعات ۾ زميني سڌارن کي ترجيح ڏني جنهن کان پوءِ پيداوار جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لاڳتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ اسٽريٽجڪ ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي جنهن سان اقتصادي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو. هن چيو ته 1949ع ۾ چين جي تعليم جي شرح فقط 20 سيڪڙو هئي جيڪا تعليمي ادارن جي قدمن عيوض هاڻ اٽڪل 100 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. صحت جي شعبي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو جنهن سان هڪ صتحمند ورڪ فورس ۽ آباديءَ کي يقيني بڻايو ويو. انفراسٽرڪچر پڻ هڪ اهم ٿنڀ هو جنهن ۾ چين هاڻ تائين 177000 ڪلوميٽرن جون شاهراهون رکندڙ آهي ۽ ملڪ جو 97 سيڪڙو حصو جي – 4 نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ جاري معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ ڪنڪيوٽي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي سفارتڪار ۽ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت اڳوڻي مددگار طارق فاطمي چين جي بلندين کي عالمي استحڪام لاءِ خطرو سمجهڻ جي غلط فهمين کي رد ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ڪڏهن به پرڏيهي جارحيت جي ڪوشش نه ڪئي. هن چيو ته اها ”خطري“ جي ڪهاڻي انهن ماڻهن طرفان پيش ڪئي ويندي آهي جيڪي هڪ قطبي عالمي نظام جي وڪالت ڪن ٿا. هن چيو ته چين جي عالمي لاڳاپن جو ماڊل پُرامن گڏيل بقا ۽ گڏيل ترقي کي هٿي ڏئي ٿو جنهن سان عالمي استحڪام کي هٿي ۾ چين جو منفرد نقطه نظر ظاهر ٿئي ٿو. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ چيئرمين صنوبر انسٽيٽيوٽ اعزاز احمد چوڌري ان تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دنيا جي ٻئي سڀ کان وڏي معيشت هئڻ باوجود چين پاڻ کي گلوبل جو حصو مڃي ٿو ۽ اُسرندڙ ملڪن کي پنهنجون صلاحيتون مضبوط ڪرڻ ۽ پرڏيهي سهولتن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. هن چيو ته تمام اُسرندڙ ملڪ چين جي ان نقطه نظر مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ان کي پاڻ ڀاڙڻ ۽ استقامت طور ڏسن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيئن جيئن چين ۽ ٻيا اُسرندڙ ملڪ متحد ٿي رهيا آهن کين اولهه طرفان تنقيد ۽ مزاحمت کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، خاص طور تي برڪس ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حوالي سان جيڪو اڪثر غلط طور تي عالمي معيشت جي ”ڊي ڊالرائزيشن جي ڪوششن طور تي پيش ڪئي وڃي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اولهه کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته عالمي حالتون بدلجي رهيون آهن. پاڪستان هڪ اهم اقتصادي مقام تي آهي ۽ هن پاڪستان جي ايس سي او ۾ ڪردار تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان کي جلد ئي برڪس ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن سان عالمي اتحادين ۾ پاڪستان جي مطابقت جو اظهار ٿئي ٿو. مالديپ جي پارليامينٽ جي ميمبر احمد طارق عالمي سياست کي جوڙجڪ ۽ دنيا کي ڪثير قطبي نظام طرف وٺي وڃڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ صدر شي جن پنگ ان تبديليءَ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهو بدلجندڙ عالمي نظام ننڍن ملڪن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي پر کين عالمي ترقيءَ جي منظرنامي ۾ شامل ڪري ٿو. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو ذريعي چين اعتماد تي ٻَڌل لاڳاپن کي هٿي ڏني آهي ۽ ڀائيوار ملڪن خاص طور تي مالديپ ۾ بنيادي ڍانچي کي ٻيهر زندهه ڪيو آهي. پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر ميجر (ر) جنرل رضا محمد ”قاعدن تي ٻَڌل عالمي نظام“ جي تصور تي سوال اُٿاريو ته اصل ۾ ڪهڙا قانون ۽ ڪنهن جو نظام عالمي لاڳاپن جي حڪمراني ڪري ٿو. هن اسرائيل طرفان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ”پرسو نانا گراٽا“ قرار ڏيڻ جي تازي اعلان کي عالمي اصولن جي چونڊيل ۽ لاڳو ڪرڻ جي هڪ مثال طور پيش ڪيو. قومي سلامتي جي حڪمت عملي جي ڀيٽ نه ڪندي هن چيو ته چين جو نقطه نظر ”قومي احيا“ تي کُتل آهي جيڪو داخلي ترقي ۽ عدم مداخلت تي ٻَڌل آهي جڏهن ته آمريڪا ”سڀ کان پهرين آمريڪا“ جي اصولن کي اختيار ڪندو آهي جيڪو طاقت ذريعي امن ۽ آمريڪي انفراديت جي وڪالت ڪري ٿو. ڊاڪٽر رضا چيو ته آمريڪي حلقن ۾ اها ڳالهه چڱيءَ ريت تسليم ڪئي وئي آهي ته چين وٽ مختلف شعبن ۾ آمريڪا جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت آهي جنهن سان چين هڪ اهم عالمي هم منصب جي حيثيت اختيار ڪري رهيوآهي. ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان- چائينا انسٽيٽيوٽ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مصطريٰ حيدر سيد ” چين جا 75 سال: مائوزيڊونگ کان شي جن پنگ تائين“ جي عنوان سان هڪ اهم رپورٽ پڻ لانچ ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي ناليوارن ماهرن جا لکيل بصيرت وارا باب شامل آهن. ڪانفرنس ۾ 250 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ اڪيڊيميا، ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا، صنعتڪار ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا. ان کان علاوه ان تقريب ۾ ڪيترن ئي سفارتخانن جي سفيرن پڻ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ عالمي سطح تي چين جي هاڪاري ڪردار تي روشني وڌي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد