GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ملڪ کي پوليو جي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان کي متحد ٿي نئين سر ڪوششن کي يقيني بڻائڻو پوندو، پوليو فري پاڪستان جي ڏس ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پختي عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيلٿ ورڪرز کي حقيقي هيروز قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي پوليو جي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان کي متحد ٿي نئين سر ڪوششن کي يقيني بڻائڻو پوندو، پوليو فري پاڪستان جي ڏس ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پختي عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريندي 28 آڪٽوبر کان پوليو جي خاتمي جي قومي مهم جي باضابطا شروعات پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ان تلخ حقيقت سان ملهائي رهيا آهيون ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليو وائرس جا ڪيسز سامهون آيا آهن، اسان سڀ ان بابت آگاهي جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، ان لعنت ۽ صحت جي عالمي چئلينج جي خاتمي لاءِ اسان ک هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سان گڏجي ان جنگ ۾ ڪاميابي تائين گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان ماضي ۾ به ان حوالي سان ڪم ڪيو هو ۽ مستقبل ۾ به ڪنداسين. اسان کي ان راهه ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پختي عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي تمام جلد پوليو جي مرض کان پاڪ ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي تاريخ ۾ انهن لکين ٻارن جي ياد به ڏياري رهيو آهي جيڪي پوليو جي مرض جو شڪار ٿيا ۽ بعد ۾ پنهنجي خاندانن تي بار بڻجي ويا، هي ڏينهن اسان کي ان مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي ٻيهر وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ياد پڻ ڏياري رهيو آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي عالمي ادارن خاص طور تي صحت جي عالمي اداري، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته پوري قوم پوليو جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ حقيقي هيروز کي ساراهي ٿي، انهن هيروز انتهائي مشڪل حالتن ۾ پنهنجون حياتيون هٿيلي تي رکي پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيو پر اسان جي ٻارن کي پوليو کان بچائڻ جي لاءِ تاريخ ۾ پنهنجو نالو سنهري لفظن ۾ لکي ڇڏيو. پوليو ورڪرز قوم جا مجاهد هيروز آهن ۽ پوري قوم انهن کي ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پوليو جا 40 ڪيسز سامهون آيا آهن، اسان ان وقت تائين سُک سان نه ويهنداسين جيستائين اهو وائرس پاڪستان جي سرحدن تان هلي نه ٿو وڃي، هي هڪ چئلينج آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪيو آهي، پوليو ورڪرز ان جو هر اول دستو آهن. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس سان ملاقات ۾ هن پاڪستان جي لاءِ سمورا وسيلا مهيا ڪرڻ جو عزم ڪيو، سعودي عرب به ڪيترن ئي سئو ملين ڊالر جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي اسان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پوليو وائرس پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ آهي، اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ۽ چئلينج به آهي، آئون سمجهان ٿو ته پوليو کي مڪمل شڪست ڏيڻ جي لاءِ اسان کي تيزي سان ۽ محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اسان هن ڏينهن کي انهن ورڪرز جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي جن پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان انهن ڪارڪنن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ ذيلي مهم دوران 33 ملين ٻارن کي ڦرا پياريا ويا، 28 آڪٽوبر کان نئين مهم ۾ 45 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريا ويندا ان مهم ۾ 4 لک پوليو ورڪرز حصو وٺندا. هن چيو ته پوليو کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجون گڏيل ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. هن پوليو جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي ويزن ۽ عزم ۽ معاون ادارن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم پوليو جي خاتمي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ڪارڪنن ۽ هيروز جي گهرڀاتين ۽ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليو ورڪرز کي شيلڊز پڻ ڏنيون.

مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش