اسلام آباد – 16 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي من??وب??بندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرض?? جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي زراعت واري ??وب??ئي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت زراعت جي شعبي جي مڪل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي من??وب??بندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرض?? جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت آبادگار?? جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زرعي جنس?? جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرام کي ساراهيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جي ڊي پي ۾ 19 سيڪڙو حصي سان گڏ زرعي شعبو تمام وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس جي لاءِ خام مال فراهم ڪري ٿو، مجموعي طور تي قومي معيشت ۾ زراعت جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايتڪئي ته اهي آبادگار?? جي بنيادي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انه?? جي فصل جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏين.