ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم کا??سواءِ قومون ترقي ناهن ??ند??ون، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي معياري تعليم کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دارالفلاح ۾ تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي، چيف سيڪريٽري بلوچستان مطهر نياز رانا ۽ اداري جا فائونڊر ميمبر ۽ انهن جا پونئير پڻ موجود هئا. صدر 1926ع ۾ قائم ٿيندڙ ان اداري جي تعليمي خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ??ند?? چيو ته ن??ڍي کنڊ ۽ هند ۾ تعليمي ادارن جي قيام ۽ فروغ جي لاءِ سر سيد احمد خان سميت مسلمان ڏاهن جو ڪردار هڪ روشن باب آهي جنهن کي جاري رکڻ جيل اءِ حڪومت سان گڏوگڏ سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ فلاحي ادارا تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومت جو هٿ ونڊڻ جي لاءِ تيار آهن ۽ ڪجهه صوبن ۾ ??جي ادارن جي معاونت لاءِ ون لائين بجيٽ جو تصور ڪامياب رهيو آهي، ??جي شعبي کي ذميواريون ڏئي بهتر تعليمي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پاڪستان تعليم کا??سواءِ ترقي جي منزل طئي نه ٿو ڪري ان لاءِ اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪي ٻار روايتي تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن انهن کي هنرمندي جي تعليم ڏئي معاشري جو ڪارائتو شخص بڻائڻو پوندو، ان کا??سواءِ خصوصي ٻارن کي نارمل اسڪولن ۾ داخل ڪري انهن کي به تعليم جا برابر موقعا ڏيڻا پوندا ته جيئن انهن ۾ خوداعتمادي بحال ٿئي. صدر شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اهي مح??ت ۽ عزم سان تعليم جي تسلسل کي جاري رکن ۽ پيشيواراڻي تعليمي مضمونن سان گڏ فزڪس ۽ ميٿ تي خاص ڌيان ڏين. صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻو پوندو ته اسان جي ٻارن کي جيڪا تعليم ڏني پئي وڃي ان جو معيار ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪهڙي طرح بهتري آڻي سگهجي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دارالفلاح ڪوئيٽا جي تعليمي خدمتن کي ساراهيندي پنه??جي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته دارالفلاح سميت اهڙي قسم جي فلاحي ادارن جي معاو??ت ۽ سرپرستي ڪئي ويندي.