اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ روادار?? جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي لاءِ اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، قائداعظم محمد علي جناح مذهبي هم آهنگ?? جو زبرست قائل هو ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ به هن ملڪ ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ کين برابر جا حق ڏيڻ جو پرچار ڪيو. صدر مملڪت اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام بين المذاهب ڪائونسل براءِ امن ۽ ي??جه??ي پاڪستان مذهبي معاملن واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو. ڪانفرنس کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪيمونارا ۽ ٻين شخصيتن خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته دنيا جا سمورا مذهب ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ مذهبي هم آهنگ?? جو درس ڏين ٿا، حضور اڪرم ﷺ جو طريقيڪار اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن کي خلفائي راشدين به جاري رکيو، صدر چي?? ته اسلام مذهبي منافرت کان سخت خلاف آهي، ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪري انهن جي خلاف ظلم ۽ تشدد ٿي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف قانون ٺاهيا پيا وڃن، هن چي?? ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي لاءِ ڪرتار پور راهداري کي کوليو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ساڻس لاءِ اعزاز آهي، هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته سندس والد مرحوم عبدالڪبير آزاد جو بين المذاهب هم آهنگي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي ۽ هن مختلف مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن ک?? جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر چي?? ته دنيا کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي منافرت جي پويان استحصال جو نظريو ڪارفرما آهي، انساني استحصال بند ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ديني شخصيتن، اسڪالرن ۽ ٻين نمائنده ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير علي محمد خان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چي?? ته مساوات ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکون ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چي?? ته صدر ۽ وزيراعظم جو ان سلسلي ۾ قائداڻو ڪردار آهي، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ مذهبي آزاد?? جو حامي هو ۽ وزيراعظم عمران خان رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽ?? جو قيام عمل ۾ آندو آهي جيڪو هڪ بهترين قدم آهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چي?? ته 1973ع جي آئين تحت پاڪستان جي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن. هن چي?? ته اسلامي روايتون سدائين بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏنو آهي. يورپي يونين جي سفير اينڊرو لاڪامينارا پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ مڪالمه ضروري آهي، هن چي?? ته بين المذاهب هم آهنگي هڪ جهد مسلسل آهي ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزاد?? جو حق حاصل آهي. ان کان اڳ صدر بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهايا، ڪانفرنس ۾ مڪه، ??يڊ??ڊ، يورپي يونين، پاڪستان، ابوظهبي ۽ مراڪش پڌرنامي جي روشني ۾ هڪ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو جنهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي حمايت ڪئي.