اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ج??عي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور ال??ق قادري ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي ??ماز ادا ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور ال??ق قادري خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته موجوده حڪومت پاران اسان جي ??بي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ??وم ولادت باسعادت جي ??ناسبت سان عشره رحمت اللعالمين ملهايو پيو وڃي جنهن تي آئون مبارڪون پيش ڪريان ٿو، هن حضور اڪرم ﷺ جي رحمت ۽ ان ج?? عموميت، شموليت ۽ آفاقيت جي ??ختلف رخن کي اجاگر ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ صه ﷺ کي سڀني جي ??اءِ سراپا رحمت بڻائي موڪليو، پاڻ سڳورن ج?? زندگي مبارڪ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان حوالي سان پنهنجي ??ڪ بيان ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.