اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي ب??يادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ڳالهائ??ند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ب??وچستان پيڪيج تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان جي ترقي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت بلوچستان لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بلوچستان جي افرادي قوت ملڪ جو اصل ثاثو آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي ب??يادن تي قدم کڻي رهي آهي.