اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وف??قي ڪابينا وزيراعظم جي ڪفايت شعاري مهم تحت سينيٽ جي چيئرمين، قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ ??ي ڊپٽي چيئرمين، قو??ي اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر سميت سڀني اسيمبلي ميمبرن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ايندڙ سال فائيو جي ٽيڪنالاجي لانچ ڪئي ويندي، وزيراعظم جو عزم آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ مواصلات جو نظام لاڳو ڪيو وڃي، وڏين گاڏين تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ٿيڻ سان گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وف??قي ڪابينا جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ڪيو. وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وف??قي ڪابينا جي اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وف??قي وزير ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ??وٽنگ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ معاملن تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وف??قي وزير اسپيڪٽرم جي وڪري جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ??ڌايو ويو ته موجوده اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ هڪ ٽيلي ڪام ڪمپني حصو ورتو، ان کان پهرين به هڪ ڪمپني نيلامي ۾ حصو وٺي رهي آهي، 2016ع ۾ ٽيلي نار، جڏهن ته 2017ع ۾ جاز اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ حصو ورتو هو. ڪابينا کي ??ڌايو ويو ته ايندڙ سال ملڪ ۾ فائيو جي لانچ ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون دلچسپي جو اظهار ڪري رهيون آهن، ڪابينا پي ٽي اي کي ??دايت ڪئي ته ملڪ ۾ معياري ٽيلي ڪام سروس کي ??قيني بڻايو وڃي ته جيئن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ انقلاب جا ثمر ملڪ جي هر حصي ۾ عوام کي ??يسر اچي سگهن، اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته ڪابينا کي ??وجداري قانونن ۾ سڌارن (ڪرمنل لا ريفارمز) پيش ڪرڻ وارين تجويزن ۽ سفارشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ??ڌايو ويو ته مختلف قانونن ۾ مختلف ترميمون متعارف ڪرايون پيون وڃن، انهن سڌارن ۾ قانون کي آسان بڻائڻ ۽ آٽو ميشن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن انصاف جي جلد کان جلد فراهمي کي ??قيني بڻائي سگهجي، انهن تبديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان جو ڪرمنل جسٽس سسٽم تبديل ٿي ويندو. قانون واري وزير فروغ نسيم مختلف قانونن ۾ ترميم جي حوالي سان ڪابينا کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪابينا ترميم جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن جي اصولي طور تي منظور ڏيندي انهن تجويزن کي ??انونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي، هن وقت اهو معاملو قانونسازي واري ڪابينا ڪميٽي ۾ بحث هيٺ ايندو، ۽ ان کانپوءِ ان ڪرمنل ريفارمز کي ??اڳو ڪيو ويندو، اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته ڪابينا سينيٽ چيئرمين، قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ ??ي ڊپٽي چيئرمين ۽ قو??ي اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين پارليامينٽ جي ميمبرن جي بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته اهو فيصلو ان بچت مهم جو حصو آهي جيڪا وزيراعظم پهرين ڏينهن کان لاڳو ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وزيراعظم هائوس تمام وڏي بچت ڪئي. قو??ي اسيمبلي هڪ ارب 54 ڪروڙ روپيا بچت ڪري واپس ڪيا. ڪابينا جي اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ٻين قو??ي اسيمبلي جي ميمبرن کي 10 سيڪڙو الائونس ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي هئي ڪابينا چيو ته اهو ان اصول جي خلاف ورزي آهي، وقت جي حڪمران کي ??ثال ڏئي ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو هن وقت پگهارن ۾ اضافو نه ڏئي رهيو آهي، معاشي صورتحال کي ??ظر ۾ رکندي ان تجويز کي رد ڪيو ويو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا کي ??ڌايو ويو آهي ته 14 آگسٽ 2021ع تي ايف بي آر ??ي ڊيٽا سينٽر تي سائبر حملي جي پيش نظر ايف بي آر عملدارن پاران پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز 2004ع تي آپريشنل ايمرجنسي کي ??اڳو ڪيو ويو ته جيئن ڊيٽا سينٽر جي حفاظت لاءِ سڀئي ضروري قدم هنگامي بنيادن تي کنيا وڃن ۽ ڊيٽا سينٽر جي سيڪيورٽي کي ??قيني بڻايو وڃي، ڪابينا انهن قدمن جي توسيع ڪئي، ان حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته 14 آگسٽ 2021ع تي ايف بي آر جي ويب سائيٽ کي ??يڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان جي انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته ايف بي آر ??ي ڊيٽا محفوظ رهي، هيڪرز ان تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهيا، ايف بي آر ڊيٽا کي ??حفوظ بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا، هڪ پروفيشنل ڪمپني کي ??ائير ڪيو جيڪا ڊيٽا پروٽيڪشن کي ??قيني بڻائي رهي آهي، ان لاءِ رولز ۾ نرمي ڪئي وئي آهي ته جيئن هو جلدي هائيرنگ ڪري سگهي، هن ٻڌايو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وف??قي وزير ڪابينا کي ??ڌايو ته هن سال پاڪستاني ويب سائيٽس تي تقريبن 10 لک سائبر حملا ٿي چڪا آهن، اين ٽي سي انهن حملن کي ??اڪام بڻايو، پاڪستان جي اندر سائبر سيڪيورٽي جو هڪ جامع فريم ورڪ موجود آهي، اسان ان کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهيون، گارڊين اخبار به رپورٽ ڪيو هو ته هندستان اسرائيلي ڪمپني سان گڏجي پاڪستان جي اهم موبائيل فون ??ي ڊيٽا هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم جو نمبر به شامل هو اسان ان جي لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي هئي اسان جامع ڊيٽا پروٽيڪشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وف??قي وزير ٻڌايو ته آٽو سيڪٽر ۾ مقامي پيداوار جي فروغ (لوڪلائيزيشن) ۽ موجوده ٽيرف جي نظام ۾ پيش آيل ڪجهه مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪابينا ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن کي ??ظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته ايس آر او 655(1) /2006 تحت آمدني واپار تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح 7 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪئي وڃي، ان سان گڏوگڏ هيوي ڪمرشل وهيڪلز تي به اي سي ڊي جي شرح 7 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪئي وڃي، ان جي نتيجي ۾ وڏين گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، هزار سي سي گاڏين جي سامان جي درآمد تي ايڊيشنل ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، هزار سي سي کان هيٺ جي گاڏين جون قيمتون به گهٽ ٿينديون، هن ٻڌايو ته ڪابينا ”قائداعظم فائونڊيشن ايڪٽ 2021ع“ جي تجويز ڪيل مسودي جي اصولي منظوري ڏني آهي، ان قانون جو مقصد قائداعظم فائونڊِيشن جو قيام آهي، ان کانسواءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ جي پروٽيڪٽر آف اميگرنٽس جي مقرري ۽ بدلين جي منظوري ڏني هئي، چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا ڪورونا جي صورتحال کي ??ظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته درآمد ڪندڙن پاران کان درآمد ٿيندڙ شيون جيڪي ويئر هائوس ۾ موجود آهن ۽ جن کي ??قت سر ڪليئر ناهي ڪرايو ويو ان تي قانون موجب لڳندڙ هڪ سيڪڙو ڏنڊ/سرچارج ۾ 30 سيپٽمبر تائين رعايت ڏني ويندي، ٻي صورت ۾ ان کي 30 سيپٽمبر 2021ع تائين ڪليئر ڪيو وڃي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا ديامرڀاشا ڊولپمنيٽ ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم جي منظوري ڏني، بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ وزيراعظم آفيس جي نمائندي جي جاءِ تي منصوبابندي واري وزارت جي نمائندي کي شامل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا نجڪاري بابت ڪميٽي جي 10 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي حوالي سان ڪيل فيصلي ۾ ترميم جي اجازت ڏني وئي، ڪابينا اداره جاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 12 آگسٽ 2021ع ۽ 2 سيپٽمبر 2021ع اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توسيع ڪئي وئي. اهڙي طرح اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 سيپٽمبر 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به توسيع ڪئي وئي. انهن فيصلن ۾ وائيٽ آئل، پائيپ لائين، ملٽي گريڊ، موومينٽ پراجيڪٽ جي ٽيرف، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي مختلف ڪمپنين جا معاملا، آٽو ڊز ايپل سرنج جي درآمد ۽ ان جي ڪچي مال، ان لينڊ روينيو انفورسمينٽ نيٽورڪ پاران جوڙيل ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام جي مانيٽرنگ، اڳوڻي قبائلي علائقن کان فراهم ڪيل گڊز، پوائنٽ آف سيل اينٽي گريشن ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي سان ٽئين عالمي ٽينڊر جي حوالي سان فيصلا شامل هئا. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير ڇو ٿي، هن واضح طور تي حڪم جاري ڪيا هئا، صوبن کي ??دايت ڪئي وئي آهي ته هو فوري طور تي ڪڻڪ جي رليز لاءِ قدم کڻن، اسان کي اميد آهي ته پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ جي رليز جو شيڊول هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمت ۾ لاٿ ايندي، اطلاعات واري وف??قي وزير ٻڌايو ته اوورسيز پاڪستانين جي پاور آف اٽارني جي نظام جي آٽوميشن جي حوالي سان ڪابينا قانونسازي بابت ڪميٽي جي فيصلي جي توسيع ڪئي وئي، ڪابينا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ اڏامن لاءِ پي آءِ اي ۽ ڪرغزستان جي هوائي ڪمنپي ايويا کي اڏامن جي اجازت ڏني، ڪابينا پي ايس او ۽ پاڪ ايل اين جي پاران ايل اين جي جي خريداري تي پيپرا قانونن جي قاعدن موجب ٽائيم لائيز ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني.