اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي سڌار?? ۽ ??صوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه ??سد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي جي ڪري جمعي کان نئين بندشن جو آغاز ڪنداسين جڏهن ته ڪجهه وڏا شهر بند ڪرڻا پئجي سگهن ٿا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ ??سد عمر چيو ته اين سي او سي ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو. صورتحال بهترين نه نظر ا??ي رهي آهي، گذريل سال قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو، هن ڀيري عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ حفاظتي تدبيرون ڏسڻ ۾ نه ا??ي رهيون آهن.