اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني قدمن کي تبديل نٿو ڪري، ان وقت تائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي نٿو آڻي ??گه??ي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته حڪومت ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي خواهشمند آهي پر ائين ڪشمير جي قيمت تي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪابينا خيبرپختونخوا جي طرز تي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪورونا ويڪ??ين جي قيمت 4225 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسپوٽنگ ويڪ??ين جي قيمت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ طئي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪابينا ڪنهن به دوا جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ 43 دوائن جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي آهي، فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، هن چيو ته براڊشيٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾، ڪابينا ان معاملي ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري چيو ته کنڊ بحران پيدا ڪرڻ ۾ ملوث مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي واکاڻ ڪئي ۽ جيڪا چونڊ طريقيڪار ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.